محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي

محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي :محمد حسين جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند محمد اسماعيل جان ”روشن“ 1307هه/ 1889ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس ولادت ۽ پرورش هڪ اهڙي عظيم المرتبت گھر جي آغوشِ علم و عرفان ۾ ٿي، جو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خواجه عبدالرحمانرحه پنهنجي هن پوٽي جي باري ۾ ڪيتريون ئي بشارتون ڏنيون. 1312هه/ 1894ع ۾ کيس علامه يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. مرحوم حافظ يوسف جي زندگيءَ ۾ ئي درس تدريس جو باگران ”دلگير“ مرحوم جي سر تي هو. 1322هه/ 1904ع ۾ حافظ يوسف جي رحلت کان پوءِ ”دلگير“ ۽ ”روشن“ صاحب جو باقاعده استاد ٿيو. حافظ صاحب وٽ قرآن، سنڌي، فقه ۽ پارسيءَ کان سواءِ شعر و شاعريءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي ۾ علامه ”فدا“ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل هوس. 20 سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي ۽ ٻن سالن بعد سڄي عيال سميت پهرين حيدرآباد پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ ٿر ۾ سڪون پذير ٿيو. سندس پيدائش جو وڏو حصو اقربا نوازي ۽ مساڪين پروريءَ جو نذر ٿيندو هو. انهيءَ سبب ڪري باوجود وڏي زميندار هئڻ جي، وفات وقت ڪا به نقد رقم نه ڇڏيائين. سندس عادت هوندي هئي ته ڪڏهن به نوان ڪپڙا نه پائيندو هو. ڇو ته کيس اهو شڪ هوندو هو ته ڪلف ڏيڻ وقت چرٻي استعمال ڪرڻ ۾ حلال ۽ حرام جو امتياز ڪونه ٿو ڪيو وڃي. ڪنهن ماڻهوءَ چيس ته ”ٽامي چيني“ جي ٿانون جو روغن حرام جي هڏن مان ٺاهيو ٿو وڃي. پاڻ انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن به انهن ٿانون ۾ ڪونه کاڌائين. ولائتي کنڊ ۾ ڪو شڪ جاڳيس ته انهيءَ کي کائڻ صفا ترڪ ڪري ڇڏيائين. پنهنجي والد جي اڪيلي فرزند هئڻ جي باوجود ڪڏهن به سندس باغ جو ميوو سندس اجازت کان سواءِ استعمال نه ڪيائين. ٽکڙ جي ماڻهن سان آخري دم تائين محبت هوندي هيس. ٽکڙ جو ڪهڙو به غريب ماڻهو وٽس ايندو هو، ته پاڻ ضروري ڪم ڪاريون ڇڏي، هن سان رهاڻ ۽ حال احوال جي ڏي وٺ ۾ مشغول ٿي ويندو هو. ٽکڙ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ صرف هڪ دفعو 1354 هه/ 1935ع ۾ سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه جي وفات تي آيو. پنهنجن جھونن ساٿين ۽ اصلوڪن هنڌن ماڳن کي ڏسي، سندس اکين مان زار زار لڙڪ وهڻ لڳا. ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهوءَ سان ڏاڍي محبت ۽ اڪير سان ڀاڪر پائي ملندو هو. سندس انهيءَ محبت ڪري ٽکڙ مان گھڻا ماڻهو لڏي وڃي سندس ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. ۽ اتي ٻنيون ٻارا ڪرڻ لڳا. جن مان اڃا به ڪيترا ئي اتي آباد آهن. سندس ڪچهريءَ ۾ هميشه ٽکڙ جي عالمن، اديبن، حڪيمن، سگھڙن، شاعرن ۽ پهلوانن جو تذڪرو هلندڙ هوندو هو. ”روشن“ صاحب 53 ورهين جي عمر ۾ 1361هه/ 1942ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي اتان کڻائي ”مقبره شريف“ ۾ سندس ڀاءُ محمد يعقوب جان جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. ٽکڙ جي صالح صحبت، اعليٰ طرزِ تعليم، دلڪش فضا، شاعرانه ۽ اديباڻي ماحول ۾ هڪ ذهين، ذڪي ۽ سليم الطبع ٻار جو رهڻ سندس مستقبل جي روشن هجڻ جو آئيني دار ٿي سگھي ٿو. تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ جڏهن اڃا ٻاراڻي وهي هوندي آهي ته پير صاحب تکڙ مان هڪ علمي ۽ ادبي ۽ ديني رسالو ”الاصلاح“ جاري ڪيو ۽ ڪيتري وقت تائين انهيءَ رسالي جي وسيلي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي خدمت ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

محمد اسماعيل جان روشن 1307هه/ 1889ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو


1942.00.00  عيسوي

محمد اسماعيل جان 53 ورهين جي عمر ۾ 1361هه/ 1942ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عارف مصطفيٰ
خير محمد لغاري
شيخ محمد ابراهيم
طالب سميجو
سيد فتح محمد شاهه شيرازي
اجتو فقير راڄڙ
حافظ محمد نونداڻي
صلاح الدين ايوبي
سچل شيخ
عبدالقادر انصاري ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون